ڊاڪٽر خان محمد پنهور

ڊاڪٽر خان محمد پنهور

پنهور خان محمد ڊاڪٽر

پنهور، خان محمد: ڊاڪٽر خان محمد ولد يعقوب پنهور 27 جون 1949ع ڌاري سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ آراضيءَ ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم آراضيءَ ۽ ڀان سعيدآباد مان حاصل ڪيائين، مالي مشڪلاتن باوجود تعليم جو سلسـلو جــاري رکـيـائيـن. سـنـڌ يـونيـورسـٽيءَ مان بـي. اي ڪيائين. خان محمد پنهور صحافتي زندگيءَ جي شروعات”عبرت“ اخبار کان ڪئي، جتي شيخ علي محمد ۽ شيخ عزيز جهڙن صحافين جو ماتحت رهيو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي وائيس چانسلريءَ جي دؤر ۾ هڪ ڏينهن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر مقرر ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن تي يونيورسٽي جي ملازمن جي سخت مخالفت سبب فارغ ڪيو ويو، ان بعد شاهه صاحب طرفان معمولي اسڪالرشپ تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبي ۾ داخلا وٺي صحافت ۾ ماسٽرس ڊگري ڪيائين، ڪجهه وقت سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي ۾ انفَرميشن آفيسر رهيو. 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شيخ اياز جي چوڻ تي اطلاعات کاتو ڇڏي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبي جو بنياد وڌو ۽ 1981ع ۾ ان جو باني چيئرمئن ۽ انچارج رهي ڊپارٽمينٽ کي اوج تي پهچايائين، هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ادبي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿي نالو ڪڍيو. سائين جي. ايم سيد،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مخدوم مراد صديقيءَ جي صحبت ۾ رهيو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بانين مان هو. ان جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر رهيو.شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊميءَ پاران ڪجهه ڪتابي سلسلا ڪڍيائين. غريب شاگردن جي امداد لاءِ ”پوئر بوائز رليف فنڊ“ قائم ڪيائين، جنهن ۾ ممتـاز تعليمدان ايڇ. ايم خواجه جو سهڪار هئس. ڪجهه وقت هفتيـوار ”سرتاج“ جاري ڪيائين. هن جرمن اسڪالر ڊاڪٽر ائنميري شمل جي نالي سان اَمريڪن سينٽر جي طرز ”ڊاڪٽر ائنميري شمل انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيجز“ جو قيام به عمل ۾ آندو، جنهن ۾ انگريزي ۽ جرمن زبانون پڙهايون وينديون هيون. خان محمد پنهور سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو چيئرمئن ۽ جنرل سيڪريٽري به رهيو ۽ سگا جي پليٽ فارم تان ڪيترن هنڌن تي غريب ماڻهن لاءِ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جون مفت طبي ڪئمپون به هلايون. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت شعبي ۾ ڊپارٽمينٽل سيمينــار ۽ ڪـانفـرنسون به ڪيون. هن 1983ع ۾ سگا تي بندش کانپوءِ ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي ۽ ٻين دوستن سان گڏجي ’سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت‘ جي نالي سان سنڌ سطح جي سماجي ڀلائي واري تنظيم جو بنياد وڌو ۽ آخر تائين ان جو چيئرمئن رهيو. هن تنظيم جي سماجي ڀلائيءَ وارين سرگرمين جو دائرو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سوين ڳوٺن تائين پهچائي ڇڏيو.
ڊاڪٽر خان محمد پنهور سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن سان گڏ ماهوار پارس رسالو به شروع ڪيو. پارس رسالي جي ٽيم ۾ هن سان گڏ سريش ماکيجاڻي، بدر سومرو، مجيد پنهور، نياز پنهور ۽ ناصر پنهور شامل رهيا. ڊاڪٽر خان محمد پنهور انهن ڪمن سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي خدمتن جي عنوان هيٺ ايم. فِل لاءِ تحقيقي ڪم به ڪندو رهيو ۽ ان موضوع تي ايم. فِل ڪيائين. ساڳئي وقت اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم به لکندو رهيو. خان محمد پنهور محمد خان جوڻيجي جي دؤر ۾ نئين روشني اسڪولن واري پروگرام ۾ حيدرآباد ريجن ۽ نوابشاهه ضلعي جو مئنيجر رهيو. ان پروگرام جي خاتمي کان پوءِ واپس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيو، ان دوران نوي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ هو بيمار ٿي پيو، هن جي دماغ جا پهريان جناح اسپتال ڪراچي ۽ پوءِ لنڊن ۾ آپريشن ٿيا، پر هو پوريءَ طرح صحتياب نه ٿي سگهيو، ان هوندي به پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ باقاعدگيءَ سان ويندو هو. هن ’الوحيداخبار تي ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رهنمائيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پڇاڙيءَ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي پهچي وقت کان اڳ ميڊيڪل اَن فِٽ جي بنياد تي رٽائرمينٽ ورتائين. لاڳيتو بيمار رهڻ ڪري 27 مئي 1999ع تي وفات ڪري ويو، سندس لکڻين ۾ (1) ’لطيفي لات‘ (سگا پاران ڇپايل مقالن جو ڪتاب)، (2) ’الوحيد جو سنڌي صحافت ۽ سياست ۽ علم ادب ۾ حصو‘، (3) ’هوندا سي حيات‘ (شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شخصيت ۽ سياست بابت) ۽ (4) ’نعره مستانه‘ (شيخ عبدالمجيد سنڌي جا ڪالم) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.06.27  عيسوي

ڊاڪٽر خان محمد ولد يعقوب پنهور 27 جون 1949ع ڌاري سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ آراضيءَ ۾ ڄائو،


1999.05.27  عيسوي

ڊاڪٽر خان محمد پنهور لاڳيتو بيمار رهڻ ڪري 27 مئي 1999ع تي وفات ڪري ويو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار
عبدالقادر بدايوني
جالنڌري حفيظ
ڄام ڪارائڙو
حڪيم شيخ محمد بکري
شاڪر عباس سمراٽ
شاهه محمد نابينا
آشا چاند
آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
ڌرم ڪمار تولاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون